قاضي سيف الدين

قاضي سيف الدين: قاضي سيف الدين جو جنم 1948ع ۾ مٽياريءَ ۾ ٿيو. زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر رهيو آهي. سندس بنيادي شهرت اداڪار جي حيثيت سان آهي. اداڪاريءَ جي شروعات مٽياريءَ ۾ ٿيندڙ مختلف اسٽيج ڊرامن کان سيد يار محمد شاهه سان گڏ ڪيائين ۽ بعد ۾ پي. ٽي. وي (P.T.V) جي سنڌي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو. هونئن ته گهڻن سنڌي پروگرامن ۾ پنهنجي فن عيوض مڃتا حاصل ڪيائين، پر مزاحيه خاڪن تي مبني مشهور پروگرام ’چهچٽو‘ ۾ بهترين مزاحيه اداڪاريءَ سبب سڄي سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي چڪو آهي. ان پروگرام ۾ سندس ٻه مڪالما ’ماڻهو آهين يا مڇر‘ ۽ ’دل جيرا مغز بڪيون، مون کي آهن سڄڻ مڪيون‘ گهڻي عرصي تائين عوام ۾ مقبول رهيا. ان کان سواءِ هڪ ٻيو مزاحيه خاڪن تي مشتمل پروگرام ’رس چس‘ سندس مشهوريءَ ۾ واڌاري جو سبب بڻيو. مزاحيه اداڪاريءَ سان گڏ هن سنجيده ڪردارن ۾ به پاڻ ملهايو، ان ڏس ۾ پاڪستاني فوج پاران ڌاڙيلن جي خاتمي جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن تي اردو زبان ۾ هڪ ڊرامو ’اجالي سي پهلي‘ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ پاڻ مغوي واپاريءَ جو ڪردار بهتر نموني ادا ڪيائين. ان کان اڳ نورالهديٰ شاهه جي مشهور اردو ڊرامه سيريل ’جنگل‘ ۾ به مختصر ڪردار پيش ڪيائين. پاڻ پنهنجي ملازمت ۽ نجي مصروفيتن سبب گهڻو وقت اداڪاري کي نه ڏئي سگهيو آهي، تنهن هوندي به سندس ڪيل مختصر ڪم ۽ مزاحيه ڪردارن کيس ڏسندڙن ۾ هر دلعزيز فنڪار جي درجي تي پهچايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو